ڪارنهن الزام هيٺ ڀيڻ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي ڦاهيءَ جي سزا

ڪارنهن الزام هيٺ ڀيڻ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي ڦاهيءَ جي سزا

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي سزاءِ موت (ڦاهي) ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته 6 ڄڻن کي روپوش اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. ياد رهي تي جوابدار علي حيدر جاگيراڻي پنهنجي 6 ساٿين سڪندر جاگيراڻي، احمد علي جاگيراڻي، ممتاز جاگيراڻي ، يار محمد جاگيراڻي ، رشيد جاگيراڻي ، ڀٽو جاگيراڻي سان گڏ جي 4 سال اڳ ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهه مراد مگسي ۾ پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ڀيڻ ڪمالان جاگيراڻي تي ڪارنهن جي تهمت هڻي قتل ڪيو هو جنهن جي قتل جو ڪيس ميروخان ٿاڻي تي سرڪار پاران داخل ڪيو ويو هو جنهن جي  شهدادڪوٽ جي ماڊل ٽرائيل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جتي ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ثابت ٿيڻ تي گرفتار جوابدار علي حيدر جاگيراڻي کي سزاءِ موت ( ڦاهي ) ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ۽ ڪيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايل فرار 6 جوابدارن سڪندر جاگيراڻي، احمد علي جاگيراڻي، ممتاز جاگيراڻي، يار محمد جاگيراڻي، رشيد جاگيراڻي ، ڀٽو جاگيراڻي کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو پوليس جوابدار کي لاڙڪاڻي سينٽر جيل منتقل ڪري ڇڏيو .

پهنجو تبصرو موڪليو