ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ڪارٿڪ آرين پنهنجي بهترين اداڪاري ۽ سٺي اخلاق سبب لکين ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون آهن.ڪارٿڪ آريان احمد آباد مان پنهنجي مداحن سان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.هن وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي آهي تنهنجو پيار.هن وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪارٿڪ آرين احمد آباد جي هڪ گهٽي مان سيڪيورٽي سان لنگهي رهيو آهي ۽ مداح کيس پنهنجي علائقي ۾ ڏسي چريو ٿي سندس پٺيان پيا اچن.ڪارتڪ آرين پنهنجي پويان مداحن جي ايتري وڏي تعداد کي گڏ ڏسي، انهن کي پنهنجي فون تي فلم ڪندي، مزاحيه انداز ۾ پڇيو، “ڇا توهان سڀ کائڻ وارا آهيو؟”اداڪار جي ان سوال تي هڪ مداح کي اهو چوندي ٻڌو وڃي ٿو ته اسان ڪارتڪ ڀائي جي گهر وڃي رهيا آهيون.واضح رهي ته ڪارٿڪ آريان جي فلم جي شوٽنگ دوران سوين مداح اداڪار جي هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.ڀارت جي شهر احمد آباد ۾ پنهنجي فلم ”ستيا پريم جي ڪٿا“ جي شوٽنگ دوران مداحن جو ايترو پيار ڏسي اداڪار حيران ٿي ويو.










