اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينا قسم کڻي ورتو آهي، وفاقي ڪابينا جي حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ سينيٽ جي چيئرمين ۽ وقتي صدر صادق سنجراڻي پهرين وفاقي وزيرن کان حلف ورتو، جنهن کانپوءِ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو،ڪابينا ۾ 31 وفاقي وزير ۽ 3 مملڪتي وزير شامل آهن، جڏهن ته 3 صلاحڪار پڻ ڪابينا جو حصو آهن. وفاقي ڪابينا ۾ مسلم ليگ ن جا 14 ۽ پيپلز پارٽي جا 9 ميمبر شامل آهن. مسلم ليگ ن جي خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، اياز صادق، خرم دستگير، راڻا نظير، مريم اورنگزيب، سعد رفيق، رياض حسين پيرزادو، اعظم نذير تارڙ ۽ جاويد لطيف به حلف کڻندا.پ پ طرفان خورشيد شاهه، نويد قمر، شيري رحمان، مرتضيٰ محمود، احسان الرحمان مزاري، عابد حسين ڀيو ۽ شازيه مري ڪابينا ۾ شامل آهن جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو امين الحق ۽ فيصل سبزواري ڪابينا جو حصو هوندا. جي يو آءِ ف جو اسد محمود، مولانا عبدالواسع، مفتي عبدالشڪور، طلحه محمود، بي اي پي جو اسرار ترين، جمهوري وطن پارٽي جو نوابزاده شاهه زين بگٽي، مسلم ليگ (ق) جي طارق بشير چيما حلف کڻندا جڏهن ته عائشه غوث پاشا، حنا رباني کر، عبدالرحمان ڪانجو ۽ مصطفيٰ نواز .هوندا










