ڪابل ۾ هڪٻئي پٺيان 2 ڌماڪن ۽ فائرنگ ۾ 19 فوت

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي اڳوڻي سفارتي علائقي ۾ هڪٻئي پٺيان 2 ڌماڪن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 ڄڻا مارجي ويا ءَ 50 ٻيا زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. افغان حڪومت جي نائب ترجمان بلال ڪريمي ڌماڪن جي تصديق ڪندي چيو ته ٻئي ڌماڪا محمد خان دائود ملٽري اسپتال جي ويجهو ٿيا. ياد رهي ته طالبان خلاف داعش خراسان سرگرم آهي ۽ ان کان اڳ ڪابل هوائي اڏي ۽ ٻين جاين تي خود ڪش ڌماڪن جي ذميواري به انهن قبول ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو