ڪابل (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پنهنجي شهرين کي ڪڍڻ لاءِ 5 هزاار فوجي ڪابل ۾ تعينات ڪري ڇڏيا آهن ۽ هڪ ڏينهن ۾ هزارين ماڻهن کي ڪابل مان ايئرلفٽ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. طالبان بنا گولي هلائڻ جي آچر تي صبح سوير جلال آباد تي به قبضو ڪري ورتو آهي جنهن جو مطلب پاڪستان کان ڪابل طرف ويندڙ رستو سندن قبضي ۾ آهي. گذريل رات مزار شريف تي قبضو ڪري ورتو هو. هاڻي ڪابل کانسواءِ افغانستان جا سمورا شهر طالبان جي قبضي ۾ اچي ويا آهن. طالبان 34 مان 25 صوبائي هيڊ ڪوارٽرن تي قبضو ڪري ورتو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جي ملڪ ڇڏڻ واري ڪم ۾ مداخلت ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين.










