ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان جي راڄڌاني ڪابل جي خليفي صاحب مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 66 ٿي ويو آهي. مسجد جي سامهون امام فضل آغا جو چوڻ هو ته ڌماڪو آپگهاتي حملو هو، جنهن ۾ 78 نمازي زخمي ٿيا. ڌماڪي جي وقت گڏيل قومن جا ٻه اهلڪار ۽ سندن خاندان مسجد ۾ موجود هئا.رپورٽن مطابق ڌماڪو جمعي جي نماز کان ٻه ڪلاڪ پوءِ ٿيو، هڪ اکين ڏٺي شاهد جو چوڻ آهي ته مسجد ۾ اڪثر نمازي موجود هئا ۽ ٻين مذهبي عقيدن ۾ مصروف هئا.پرڏيهي ميڊيا موجب ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به گروپ قبول نه ڪئي آهي. طالبان حڪومت اعلان ڪيو آهي ته جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.واضح رهي ته افغانستان ۾ گذريل ٻن هفتن دوران ڪيترائي ڌماڪا ٿيا، جن ۾ درجنين شهري حياتيون وڃائي ويٺا.










