ڪائنات مھيشوري مارگ فارم جو ايوارڊ نالي تقريب منعقد،شاگردن جي شرڪت

ڪائنات مھيشوري مارگ فارم جو ايوارڊ نالي تقريب منعقد،شاگردن جي شرڪت

ٺٽو (ن س)ڪائنات مھيشوري مارگ فارم سنڌ پاران ھڪ سالانه ويرسي ماسٽر ايوارڊ نالي تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ مھيشوري برادري جي شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ ويرسي ماسٽر ايوارڊ ڏنا ويا تقريب ۾ انھن شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي جن پھرين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس جي سالانه امتحانن ۾ پھريون،ٻيو، ٽيو نمبر کنيو ۽ جن ڪراچي بورڊ جي امتحانن ۾ 80 سيڪڙو کان مٿي مارڪون حاصل ڪيون، تقريب ۾ والدين سان گڏوگڏ مھيشوري برادري جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي تقريب دوران شاگردن ۾ مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا ويا ۽ کٽڻ وارن کي انعام پڻ ڏنا ويا جڏھن تہ 235 ٻارن کي ويرسي ماسٽر ايوارڊ ڏنو ویو تقريب جا ٽي مک شاگرد ارچيتا ٻڌارام مھيشوري،شيلا راڻو مل مھيشوري،راج وير پيراج مھيشوري، جن پنھنجو ڪردار ادا ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، انھيءَ موقعي تي ڪائنات مھيشوري مارگ فورم جي سي اي او بابو ڪانجي مانگليا مھيشوري جو چوڻ ھو تہ اسان سنڌ سميت پوري پاڪستاني قوم کي اھو پيغام ڏيڻ چاھيون ٿا تہ ڪائنات مھيشوري مارگ فورم جيان اوھان بہ شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ اھڙيون تقريبون مقرر ڪريو تہ جيئن شاگردن ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو جوش ۽ جذبو پيدا ٿئي ۽ سنڌ سميت پوري پاڪستان جو نالو روشن ٿئي سندن وڌيڪ چوڻ ھو تہ ھن پروگرام جي ھوسٽنگ ڪندڙ ادرينا ھير مانگيا مھيشوري، انو راڌھا مھيشوري ۽ جيتو پاڪستان جي انداز جيان کيڏو ڪائنات سان گڏ راند سان گڏ ٻين راندين ۾ پنھنجي خدمت سرانجام ڏيندڙ ترشيلا بولو مھيشوري جو آئون تمام گھڻو ٿورائتو آھيان جن خوب محنت ڪري ھن تقريب ۾ پنھنجو خدمتون سرانجام ڏنيون، ۽ تقريب ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪندڙ ڪڇي مھيشوري ميگهواڙ پنچائت جي صدر ڪاڪو ڪانجي مانگليا مھيشوري سان گڏوگڏ پوري مھيشوري برادري جي ماڻھن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي تقريب ۾ شرڪت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو