کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين جو چڙهايون، شاگرد اغوا

کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين جو چڙهايون، شاگرد اغوا

اوٻاوڙو (ن س)اوٻاوڙو لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد مير ڪوش ۾ محمد شريف ڪوش جي گهر تي ڏوهارين جو حملو حملي ۾ گهرن مٿان انڌا دنڌ فائرنگ لانچرن سان حملو ڪري گهرن کي مسمار ڪري ڇڏيو نتيجي ۾ ستين ڪلاس جو شاگرد اصد علي ولد محمد يونس ڪوش کي اغواھ ڪري کڻي ويا،گهر مالڪن يونس ڪوش محمد شريف ڪوش ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته بدنام زمانا ڏوهاري نواب عرف نوابي ڪوش 50 کان مٿي ڏوهاري ساڻ ڪري اسان جي گهرن تي بلاجواز گولين ۽ لانچرن سان فائرنگ ڪري گهرن کي مسمار ڪري ستين ڪلاس جو شاگرداصد علي ولد محمد يونس ڪوش کي اغواھ ڪري کڻي ويا آهن،اطلاع باوجود پوليس اڃان تائين اصل جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي۔هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته جوابدار جلد گرفتار ڪري اسان جو اغواھ ٿيل اصد ڪوش واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ وڌيڪ خونريزي جو خدشو آهي۔۽ انصاف نه ملڻ تي ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو لڳائينداسون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو