لاڙڪاڻو) بيورو( پندرهن مهينن کان کنڀي گم ڪيل شاگرد عاقب چانڊيو اوچتو آزاد ٿي گهر پهچي ويو. پنهنجي والده ۽ گهر ڀاتين سان ڀاڪرين پئجي ويو، سڄي گهر ۾ ميلو مچي ويو. مٺائيون به ورهايون ويون. عاقب کي “نامعلوم” ماڻهو کنڀي ويا هئا. ڪالهه رات دير سان کيس اوچتو ڇڏيو ويو ۽ هو گهر پهچي ويو، وڌيڪ هو پاڻ يا سندس گهر ڀاتي ڪجهه به نٿا ٻڌائين.










