کدڙن فقيرن جي درخواست تي آءِ جي ڪي پي کان جواب طلب

کدڙن فقيرن جي درخواست تي آءِ جي ڪي پي کان جواب طلب

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف خواجه سرائن جي داخل ڪيل درخواست تي آءِ جي خيبرپختونخوا کي 14 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن درخواست تي ٻڌڻي جسٽس سيد ارشد علي ۽ جسٽس فھيم ولي ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته صوبي ۾ پوليس جو رويو خواجه سرائن سان مناسب نه آهي. وڪيل چيو ته خواجه سرا به هن ملڪ جا شهرين آهن ۽ انهن جا به بنيادي حق آهن، پر پوليس انهن خلاف ڪارروائيون ڪري رهي آهي ۽ بيجا تنگ ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صوابي ۽ پشاور مان خواجه سرائن کي زبردستي ضلع بدر ڪيو پيو وڃي، انهن جا قتل ٿي رهيا آهن ۽ پوليس کين تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. عدالت آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو