کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر، سختي سان عمل جي هدايت

کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر، سختي سان عمل جي هدايت

گهوٽڪي  (ن سنڌيار)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪندي ريٽ لسٽ جاري ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته عمل نه ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي. ڊي سي محمد عثمان عبدﷲ  اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختياڪارن کي هدايت ڪئي  آهي ته هو ضلعي انتظاميه پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ تي سختي سان عمل ڪرائن جڏهن ته عمل نه ڪندڙن مٿان ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي، هن بيورو آف سپلائيز اينڊ پرائيس جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته هو روزانو جي بنيادن تي اگهن جو جائزو وٺن ۽ هر دوڪان تي ريٽ لسٽ جي ملي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ضرورت موجب ريٽ لسٽ ۾ ردوبدل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر پاران هن ريت اگهه مقرر ڪيا ويا آهن دال چڻو پنجاب 140 روپيا في ڪلو، دال چڻو سنڌ 125 روپيا، دال مڱ ڌوتل (اي) 230، دال مڱ ڌوتل (بي) 200 روپيا، دال مهري ڌوتل 130 روپيا، دال ماش ثابت 230 روپيا، دال مڱ ثابت 200 روپيا، دال مٽر 130 روپيا، ڇولا (8 ايم ايم) 130 روپيا، ڇولا (9 ايم ايم) 140 روپيا، ڇولا (12 ايم ايم) 165 روپيا، ڇولا ثابت برما 120 روپيا، اڇيون رهان 180 روپيا، ڳاڙهيون رهان 250 روپيا، ثابت مڱ 190 روپيا، مڱ پشاوري 225 روپيا، مٺائي 110 روپيا، ڳڙ 100روپيا، چانور ڪرنل پنجاب 130، چانور ڪرنل سنڌ 125 روپيا، چانور 86 (اي) 90 روپيا، چانور 86 (بي) 80 روپيا، چانور ٽوٽو پنجاب 75 روپيا، چانور ٽوٽو سنڌ 65 روپيا، چانور ايري 50 روپيا، چانور ڪچو ڪائنات 130 روپيا، چانور ڪائنات سيلو 140 روپيا، بيسڻ 130 روپيا، سوجي 70 روپيا، ميدو 70 روپيا، لوڻ 10روپيا، ڳاڙها مرچ پيٺل 700 روپيا، سرنهن جو تيل 250 روپيا، ٻڪر جو گوشت 850 روپيا، وڇڙي جو گوشت 430 روپيا، مينهن/ڳئون جو گوشت 400 روپيا، کير 90 روپيا، ڏھي 90 روپيا، مڇي ڏنڀرو هڪ ڪلو کان گهٽ وارو 200 روپيا، ڏنڀرو ڪلو کان وڏو 250 روپيا، پڪوڙا 200 روپيا، اسپيشل مٺائي 300 روپيا، مڪس مٺائي 300 روپيا اهڙي ريت اڇي جيري جو اگهه في 50 گرام 30 روپيا، ڪاريون مرچون 45 روپيا، وڏا ڦوٽا 85 روپيا، ننڍا ڦوٽا 260 روپيا، دارچيني 35 روپيا، لونگ 75 روپيا، هيڊ 15 روپيا، سڪل ڌاڻا پيٺل 15 روپيا اگهه مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسپيشل چانهه جو ڪوپ 30 روپيا، اڌ ڪوپ 20 روپيا، نان 100 گرام وارو 12 روپيا، ماني 100 گرام واري 10 روپيا مقرر ڪيو ويو آهي ياد رهي ته مرغي، کنڊ، سبزي ۽ فروٽ جا اگهه روزانو جي بنيادن تي مقرر ٿيندا رهن ٿا انڪري عوام کي گهرجي ته عام واهپي جون شيون خريد ڪرڻ دوران دوڪاندارن وٽ موجود مارڪيٽ ڪاميٽي جي ريٽ لسٽن ۽ تاريخ جو جائزو وٺي رقم ادا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو