ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون )ڀاڄين ، فروٽ گوشت سميت عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن، جنهن ڪري غريب مسڪين مزدور طبقو سخت پريشان آهي، دڪاندارن ۽ ريڙھي وارن ريٽ لسٽ تي عمل ڪرڻ بدران هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل ۔ ٻاڪرو گوشت 900رپيا ڪلو. وڏو گوشت 600 رپيا ڪلو، مڇي 500 کان 600 رپيا ڪلو، مرغي جو گوشت 320 رپيا ڪلو، بصر 50 رپيا، پٽاٽا 60 رپيا ڪلو، انگريزي گوار 100 رپيا ڪلو، ديسي گوار 130 رپيا ڪلو، ٽماٽا 150 رپيا ڪلو، ميھا 110 رپيا ڪلو، ولتوري 60 رپيا ڪلو، ڀينڊي 120رپيا ڪلو، انب 120 رپيا ڪلو،صوف 250 رپيا ڪلو، ڦاروا 220 رپيا ڪلو، زردالون 200 رپيا ڪلو، چڪو 120 رپيا ڪلو، آلوبخارا 200 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، ٽنڊوباگو شهر جي رهواسين مطالبو ڪيو آھي ته ڀاڄين، فروٽ ۽ گوشت جي اگهن تي ڪنٽرول ڪري غريب مسڪين مزدور ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي گهر جي لاء سبزي، فروٽ گوشت آساني سان خريد ڪري سگهن.










