کاتو انتهائي سنجيدگي سان ڪم ڪري پيو: شهلا  رضا

کاتو انتهائي سنجيدگي سان ڪم ڪري پيو: شهلا رضا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي عورتن جي ترقي وري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو آهي ته وومين ڊيولپمنٽ ڊپارٽمينٽ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيو آهي گذريل سال اسان وٽ مختلف ضلعن مان 2700 کان وڌيڪ ڪيس آيا جن مان 2509 اسان ڪاميابي سان حل ڪيا آهن جڏهن تہ 267 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن اهڙن خيالن جو اظهار ھن پنهنجي افيس ۾پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي عورتن جي ترقي واري کاتي جو سڪريٽري انجم اقبال جماني ايڊيشنل سيڪريٽري محمد علي شيخ، ۽ ايڊوڪيٽ الطاف کوسو بھ ساڻس گڏ موجود ھئا هن چيو ته اسان گذريل هفتي سحر گل ۽ حبيبه ۽ ٻين ٻارڙين جي بازيابي لاء پريس ڪانفرنس ڪئي هئي ۽ اڄ چئن ڏينهن کان پو۽ وزير اعلي پنجڍب محسن نقوي ۽ سنڌ پوليس جي سهڪار سان ٻنهي ٻارڙين کي بازياب ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ٽئين ٻارڙي شيلا ميگواڙ جي بازيابي لاء سڀاڻي پوليس رواني ٿيندي۔ سن چيو ته پهرين پنجاب پوليس اسان سان سهڪار نه ڪري رهي هئي جڏهن ته ٻارڙين جي بازيابي جي لاء هن پبجاب جي وڏي وزير محسن نقوي ۽ سنڌ پوليس جا ٿورائتا آهيون خاص ڪري سنڌ پوليس جا ٿورائتا آهيون خاص ڪري آئي جي پوليس جا جو هن اسان جي شڪايت تي هاء ليول ميٽنگ رکي جنهن جا هاڪاري نتيجا نڪتا هن چيو ته سحر گل ڪيس جو مرڪزي ڏوهاري گرفتار ٿي چڪو آهي جڏهن ته ام حبيبه ڪيس جا ڏوهاري اڃان تائين فرار آهن جنهن جي لاء اسان هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعلي پنجاب جي سهڪار جا طالب آهيون۔ ته هو پنهنجو سهڪار اسان سان ائين ئي جاري رکي ء باقي ٻارڙين جي بازيابي لاء سهڪارى جاري رکي هن چيو ته سحر گل سيپٽمبرکان غائب هئي ه جر نالي تي لکين روپين جي جائداد هئي سٺي اسڪول ۾ پڙهندي هئي ۽ خوش لباس هئي۔ ۽ اڄ ين کي هڪ جھوپڙي مان ائين ملي سندس ماءُ به سڃاڻي نه سگي انڪري کيس پوليس لسٽيشن تي وهنجارڻ جو بندوبست ڪيو ويو آ۽ نوان ڪپڙا فراهم ڪيا ويا هن چيو ته ٻارن کي يهڙي انتهائي قدم کڻڻ کين پهرين پنهنجي پي ماءُ ۽ عزيزڪ جو سوچڻ گهر جي جڏهن ته والدين به نظر رکن ته ٻارڙيون ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهيون آهن هن چيو ته۽پهرين ٻارڙين کي ورغلائي بعد ۾ مارڪٽ ڪئي ويندي آهي ۽ اهو ئي سلسلو جاري رکيو ويندو آهي جنهن کان پوء ٻسرڙين تي دٻاء وڌو ويندو آهي ته هو پنهنجي مرضي ن ويون هنيون جيڪڏهن اهي پنهنجي مرضي سان ويون به هنون ۽ غلطن هٿن ۾ اچي ويون آهن۔ جسٽس فائز عيسي چيو هو ته نادا جو پيپر ٻارڙي جي غائب ٿيڻ کان پهريئن آبلڻيل آهي ته پوء ميڊيڪل جي ڪا به ضرورت ناهي هن چيو ته ائين تاثر ڏنو پيو وڃي ته يهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته اسان ڪنهن خاص ماڻن لا۽ ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ائين ناهي هن چيو ته اسان اقليتن لا۽ به آواز اٿاريو آهي ۽ شيلا مينگواڙ ،چندا مهاراج آرزو راجه ڪويت ڪماري ۽ سحر گل جا ڪيس به اسان وڙهيا آهن هن چيو ته اڄ تائين جيڪي ٻارڙيون بازياب ٿيون آهن اهي سڀ پنهنجي گهر ويون آهن هنميڊيا جي به ٿورا مڃيان هنن نه فقط اهڙن ڪيسن کي زنده رکيو پر اسان جو آواز به بڻيان هن چيو ته مان پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي انهن گروپس کي جيڪي ٻارڙين کي کڻي ويندا آهن اسان انهن جي پٺيان وينداسين ۽ پنهنجي ٻارڙين کي هر صورت هٿ ڪنداسين هي اسان جون نياڻيون آهن۔ جن سان ڪنهن به قسم جي ڪا به زيادتي برداشت نه ڪنداسين هن چيو ته عيد جي فوري بعد اسان گهريلو مار بابت ڪيسن ۽ اسان جي هيلپ لائين نمبر 1094 جي آگهي مهم شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جيڪا پوري سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻين ماڳن تي شروع ڪئي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو