ڦر دوران مقابلو،پوليس اھلڪار شھيد، 3 ڏوھاري مارجي ويا

ڦر دوران مقابلو،پوليس اھلڪار شھيد، 3 ڏوھاري مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ ڦر ڪوشش دوران پوليس مبينا مقابلي دوران 3 ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. ڀينس ڪالوني واري علائقي لٺ بستي ۾ هٿياربندن شهرين کان هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ شروع ڪئي ته حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. پوليس جي پهچڻ تي هٿياربندن ۽ اهلڪارن ۾ مقابلو ٿي پيو. پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 3 ڏوهاري مارجي ويا. هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار نعمان شاهه شهيد ٿي ويو. مارجي ويلن جي لاشن ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي آهي ته هٿياربند لٺ بستي ۾ ڦر ڪري رهيا هئا ته اطلاع تي پوليس پهچي مقابلو ڪيو، جنهن دوران 3 ڏوهاري مارجي ويا ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته واقعي بعد 3 هٿياربند فرار ٿي ويا آهن، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. هٿيارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو