جيڪب آباد (دولت گل مستوئي) مولا داد ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿيار بندن پاران ڪار ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ، ڪار سوار پاران گاڏي نه روڪڻ جي صورت ۾ هٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي وئي. نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب بلوچستان واسي رسول بخش بگٽي زخمي ٿي پيو. هو بلوچستان کان جيڪب آباد اچي رهيو هو . اطلاع تي پوليس پهچي زخمي کي اسپتال پهچايو. پوليس موجب ڏوهارين جي گرفتاري لاء ناڪابندي ڪئي وئي آھي.










