ڏيپلو (ن سنڌيار)ڏڪار جي ستايل ٿري عوام موجوده مهنگائي خلاف روڊن تي اچي وئي پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ۽ منهنگائي خلاف ڏيپلو جي شھرين جو ا پريس ڪلب اڳيان احتجاج شھري اتحاد ڏيپلو جي اگواڻن فاروق اعظم مريداڻي . عمران باغي۔ محمد عمر بجير مسعود جوڻيجو ھيرا لال وڪيل قيمت راء ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏيپلو واسي موجوده مهنگائي خلاف روڊن تي نڪري آيا پريس ڪلب ڏيپلو کان بدين اسٽاپ تائي ريلي جي صورت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ جي اعلان سميت ملازمن جي پگهارن ۾ پنج هزار روپيا واڌ،زرعي ڀاڻ جي في ٻوري جي قيمت ۾ 350روپيا گهٽائڻ واري ڪيل اعلانن تان يو ٽرن ورتو آهي مهانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي مسڪين ڏهاڙي وارو مزدور طبقو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ کاڄرو تيل آئل گيه جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن،ھڪ هفتي اندر پيٽرول جي قيمتن ۾ 60روپيا واڌ حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتوو آھي اسان حڪومت کان مطالبو ڪريو ن ٿا ته پيٽرول سميت انساني زندگي جي ضرورتن جي سمورين شين جا اگھ گهٽائي عوام کي سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي۔ٿر جي مسڪين ماڻھن هميشا ڏڪارن مصيبتن کي منهن ڏنو آھي هن وقت به ڏڪار واري صورتحال آھي ٿرين جي گزر سفر جو ڏريعو مال سوبه بيمارين ۽ بکن ۾ مري ويو آھي خدارا مسڪينن ماروئڙن جو احساس ڪيو وڃي










