ڏکڻ وزيرستان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي

ڏکڻ وزيرستان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي

وزيرستان: (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي توئي خله جي علائقي گل کهچ ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي، جڏهن ته امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي لاءِ مقامي انتظاميه طرفان قدم کنيا پيا وڃن. ذريعن موجب ڌرين جي وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪرڻ تي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، فوت ٿي ويلن ۾ پوليس ڪانسٽيبل سعاد عرف سيدو به شامل آهي.واقعي ۾ زخمي ٿيل 2 ڄڻن کي فوري طور تي هيڊ ڪوارٽر اسپتال وانا منتقل ڪيو ويو جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. اسپتال ذريعن موجب زخمين جو علاج جاري آهي. واقعي کان پوءِ پوليس ۽ ضلعي انتظاميه واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.اختيارين موجب واقعي جا سبب ڄاڻڻ ۽ ذميوارن کي ڳولڻ جي لاءِ مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ ضروري انتظام به ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو