ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان جي تڪ اين اي 42 مان نون چونڊيل آزاد ميمبر زبير وزير جي گهر اڳيان ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.پوليس موجب، ڌماڪيدار مادو زبير وزير جي گهر جي سامهون بيٺل گاڏي ۾ نصب ڪيو ويو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو جنهن وقت زبير وزير جي اليڪشن ۾ ڪاميابي لاءِ تقريب ٿي رهي هئي.










