ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي وانا تحصيل ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، وانا ۾ صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويندو.وانا جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ رستا، جن ۾ تيارزا، ڪراب ڪوٽ، عزيز آباد چوڪ، درگئي، توئي خالا گل ڪڇ شامل آهن، بند رهندا.










