ڏکڻ وزيرستان(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان جي لوئر برمل تحصيل ۾ قلم 144 تحت حرڪت تي پابندي لڳائي وئي آهي.گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سيڪيورٽي خدشن ۽ فورسز جي سامان جي ترسيل جي ڪري پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. پابندي برمل تحصيل ۾ صبح 6 وڳي کان شام 7 وڳي تائين لاڳو ڪئي ويندي.نوٽيفڪيشن موجب، رگزئي بازار سميت ٻيون سڀئي بازارون بند رهنديون. پابندي جي تحت، انگور اڊا، زمچينه، خمرنگ، رگزئي، شولام کان وانا تائين سفر ڪرڻ تي پابندي هوندي.گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب، هنگامي حالتن ۾ صرف سيڪيورٽي فورسز جي اجازت سان سفر ممڪن هوندو.نوٽيفڪيشن ۾ شهرين کي هدايت ڪئي وئي ته اهي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڏسڻ کان پوءِ 100 ميٽر پري پنهنجون گاڏيون روڪين.










