ڏکڻ وزيرستان، چيڪ پوسٽ تي حملو ناڪام، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڏکڻ وزيرستان، چيڪ پوسٽ تي حملو ناڪام، 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي خودڪش حملي آور سميت فتنہ الخوارج جي 4 دهشتگردن مارجي ويا، پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) موجب، دهشتگردن چيڪ پوسٽ جي سيڪيورٽي ٽوڙڻ لاءِ بارود سان ڀريل گاڏي ذريعي حملي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي فورسز بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي گاڏي کي چيڪ پوسٽ جي حدن کان ٻاهر ئي نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو. پڌرائيءَ موجب گاڏي ۾ موجود خودڪش حملي آور ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته چيڪ پوسٽ محفوظ رهي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ فرار ٿيندڙ باقي 3 دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويو، جيڪي ڀرپاسي جي هڪ عمارت ۾ وڃي لڪي ويا هئا. سيڪيورٽي اهلڪارن انتهائي مهارت سان آپريشن ڪندي ٽنهي دهشتگردن کي پڻ مارائي ڇڏيو. هن سڄي ڪارروائيءَ دوران فورسز جو ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. ترجمان موجب، ٻاهرين سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي صفائي لاءِ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو