پاڪستان جي ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست

پاڪستان جي ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچز جي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي. جمعي تي کيڏيل ميچ ۾ آئوٽ ٿيڻ وارو واحد رانديگر صاحبزاده فرحان هو جنهن کي 28 رنز ٺاهڻ بعد ڪربن بوچ ايل بي ڊبليو ڪيو. صائم ايوب 5 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 38 بالن تي 71 ناٽ آئوٽ ۽ بابر اعظم 11 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. ٽن ميچز تي مشتمل ٽي ٽوئنٽي سيريز جو ٻيو ميچ اڄ لاهور ۾ کيڏيو ويو. پاڪستان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي ٽيم ۾ شاهين آفريدي جي جاءِ تي سلمان مرزا کي کيڏايو جنهن پهرين اوور جي ٻئي بال تي ريضا هينڊرڪس کي زيرو تي بولڊ ڪري بريڪ ٿرو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جو ٻئي اوور ۾ نسيم شاهه ٻئي اوپنر ۽ تجريڪار رانديگر ڊي ڪاڪ کي سلمان آغا هٿان ڪيچ ڪرايو ۽ هو سرف 7 رنز ٺاهي سگهيو. جنهن بعد سلمان مرزا ون ڊائون آيل ٽوني ڊي زورزي کي 7 رنز ٺاهڻ بعد ابرار هٿان ڪيچ ڪرايو ۽ پنهنجي ٽئين اوور ۾ ٽيون شڪار ميٿيو بريزڪي جو ڪيو جنهن کي 5 رنز ٺاهڻ بعد بولڊ ڪري ڇڏيو. مهمان ٽيم جا ٽاپ 4 بيٽر 23 رنسن تي آئوٽ ٿي چڪا هئا ۽ ائين پيو لڳي ته ميچ تي پاڪستان جي گرفت آهي. جنهن بعد ڊيوالڊ بريوس 25 رنسون ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي محمد نواز هٿان ڪيچ ٿيو. ڊونوون فيريرا کي 15 ۽ جارج لنڊي کي 9 رنسن تي فهيم اشرف ڪلين بولڊ ڪيو. ڪاربان بوچ 11 رنسون ٺاهي نسيم شاهه جي بال تي عثمان خان هٿان ڪيچ ٿيو. 14 اوورن ۾ 83 جي مجموعي اسڪور تي ڏکڻ آفريڪا جون 8 وڪيٽون ڪري چڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو