اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته ڏکيا فيصلا ڪري ئي ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻينداسين.احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نام نهاد احتساب جو عمل ڪيترن سالن کان هلي رهيو آهي، اڳوڻي چيئرمين نيب جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته پيٽرول جي قيمت جا 12 حصا آهن، جن مان 10 عالمي مارڪيٽ سان ڳنڍيل آهن.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪيا جنهن جو خاتمو عوام کي ڪرڻو پيو پر ڏکيا فيصلا ڪري ئي ملڪ کي ترقي جي راهه تي آڻينداسين.ملڪ ۾ نون چونڊن بابت پڇڻ تي ن ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته چونڊون حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ئي ٿينديون.










