ڏيپلو(ن سنڌيار)اليڪشن ڪميشن ٿرپارڪر جي مخصوص ڌرين کي فائدو پهچائڻ لاءِ مختلف بلاڪن جي هزارين ووٽرز کي رولي ڇڏيو. ووٽرر ويريفڪشن ۾ ڏيپلو ٽائون اندر نون بلاڪن ۾ فارم 13 جا جاري ڪيل 1900 فارم ردي حوالي ڪري ڇڏيا. متاثر شهرين ضلعي اليڪشن ڪمشنر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي اپيل ڪئي آهي. مظاهرين چيو ته اليڪشن ڪميشن ٿرپارڪر انهن فارمن موجب لسٽون جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي شهرين موجب جڏهن عملي سان ڳالهايو ويو ته هو نٽائڻ لڳا شهرين موجب جيئن بلاڪ نمبر 11 ۾ آبادي 1100 کان مٿي آهي پر اتي رجسٽرڊ ووٽ صرف 16 آهن باقي ووٽ مختلف بلاڪن ۾ روليا ويا آهن بلاڪ ڇهين جا ووٽ ستين ۽ نائين بلاڪ ۾ آهن بلاڪ چار جا ووٽ بلاڪ پنج ۾ روليا ويا اهڙي طرح ڊي ليمٽشن جي دوران وارڊن جي ترتيب ۾ ڪنهن جا ووٽ داخل ناهن شهرين کان ووٽ ڏيڻ ۽ اميدوارن کي اليڪشن ۾ اميدوار طور بيهڻ جو حق کسيو ويو آهي. شهرين علي اڪبر جوڻيجو، حاجي گل محمد جوڻيجو۔ مفتي فياض ڪلر، فاروق اعظم ڪلر۔محمد انور جوڻيجو ۔عمران باغي ۔ايڊوڪيٽ عارف ڪلر، مولانا عباس ڪلر ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته درستگي ڪري اسانجا ووٽ انهن بلاڪن ۾ رکو جتي اسانجا گهر آهن. ٻي صورت م اسان اليڪشن ڪميشن جي سامهون ڌرڻو هڻنداسين ۽ ان ڏس۾ عدالت سان رجوع ڪنداسين ۔










