لاڙڪاڻو(ن س) حيدري ٿاڻي جي حد ۾ ڏيتي ليتي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڏنڊن ۽ مڪن بعد فائرنگ شروع ٿي وئي جنهن سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪلهوڙا ۽ کٽياڻ برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي. مختلف ٿاڻڻ جي پوليس نفري واقعي واري جاءِ تي پهچي وئي آهي ۽ ڌرين جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. پوليس زخمين کي اسپتال روانو ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته 4 زخمي ڏنڊن لڳڻ ۽ هڪ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو آهي.










