ڌوڪي سان وڪري لاءِ آندل 2 ڀينر پوليس حوالي

سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي)عمرڪوٽ واسي ٻه ڀينرون بيهوشي جي حالت ۾ سانگھڙ مان ھٿ آيون آهن جن بابت کين وڪرو ڪرڻ لاء سانگھڙ آڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ،شھرين پاران جامع مسجد وٽان بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڇوڪرين کي ڏسندي پوليس کي اطلاع ڏنو جنھن تي پوليس ٻن نوجوان ڇوڪرين کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ھٿ ڪري ٿاڻي تي وٺي آھي جتي ھنن ٻڌايو ته اسان کي مامي جي زال ۽ سندس نھن ٻن ماڻهن رانجھو ۽ڪمون سان گڏ نشو ڏئي عمر ڪوٽ مان بس تي ويھاريو ان کان پوءِ اسان کي ڪابه خبر نه آهي اسان کي ھوش آيو ته اسان ھتي آھيون ٻنهي ڀينرن کي پوليس عمرڪوٽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو