سکر(بيورو رپورٽ) فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران صحافين کي ڌمڪين ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف صحافين پاران قلم ساڙي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافي اڳواڻن امداد ڦلپوٽو، ساحل جوڳي، ڪي بي شيخ، حضرت گل پٺاڻ، نثار چنجڻ ۽ ٻين نعريبازي ڪندي چيو ته قلم نه پر اسان پنهنجو خون ساڙي رهيا آهيون، گذريل ٻن مهينن دوران ڇھ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن ۽ صحافين کي سرعام قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ وارو سلسلو ختم ڪيو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ ڏوهارين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري صحافين کي تحفظ ڏنو وڃي.










