اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سيشن ڪورٽ اسلام آباد عورت جج ڌمڪي ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.ايڊيشنل سيشن جج سڪندر خان ٻن صفحن تي ٻڌل لکت واري فيصلي ۾ عمران خان جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا. ٽرائل ڪورٽ عمران خان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري.عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو ويو آهي. لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جاچ آفيسر ٻڌايو ته عمران خان جي رهائشگاهه تي وارنٽ جي تعميل ناهي ڪئي وئي.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سيشن عدالت جو ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو برقرار آهي ۽ ٽرائل ڪورٽ کي سيشن عدالت جو فيصلو نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي ها. عدالت عمران خان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










