ڌريون صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪن، پاڪستان

ڌريون صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪن، پاڪستان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي صبر جو مظاهرو ڪن ۽ تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ فوري قدم کڻن.پرڏيهي وزارت (دفتر خارجه) جو چوڻ آهي ته پاڪستان خطي جي تمام ڀائر ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تمام ڌريون صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺن ۽ ڇڪتاڻ ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ فوري طور تي اڳڀرائي ڪن. پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته سڀئي ڌريون “اسلام آباد مفاهيمتي ياداشت” تحت ڪيل پنهنجن واعدن جي پاسداري ڪن. بيان موجب، پاڪستان ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ جي ذريعي خطي ۾ دائمي امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جي عزم تي قائم آهي. واضح رهي ته امريڪي فوج ايران تي وڌيڪ حملا شروع ڪري ڏنا آهن. امريڪي مرڪزي ڪمانڊ (سينٽڪام) بيان جاري ڪندي چيو آهي ته امريڪي فوجن ايران خلاف وڌيڪ حملن جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. سينٽڪام موجب، انهن حملن جو مقصد آبنائي هرمز تان گذرندڙ شهري ۽ تجارتي بحري ٻيڙن تي حملا ڪرڻ جي ايراني صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو