ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )صوبائي ڪابينا تفصيلي غور ويچار کانپوءِ صوبي جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل، رٿابندي ۽ فيصلائتو ڪلين اپ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جي پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج حصو وٺندا. ڪابينا انسپيڪٽر جنرل آف پوليس غلام نبي ميمڻ کي بلوچستان ۽ پنجاب جي آئي جيز سان رابطو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ته هو ڪچي وارن علائقن ۾ آپريشن جي رٿاببندي ڪري جنهن لاءِ جديد فوجي گريڊ جي فيلڊ ۽ سرويلنس هٿيارن جي خريداري لاءِ 2.79 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪريٽرين ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. جنگي هٿيارن جي خريداري: گهرو کاتي ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ڪابينا کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته حڪومتي فيصلي موجب سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪچي واري علائقن ۾ گڏيل آپريشن جي رٿابندي ڪئي وئي آهي جنهن لاءِ جديد هٿيارن جي خريداري ۽ سريويلنس سسٽم لاءِ سامان گهربل آهي. آءِ جي پوليس ٻڌايو ته 5 جنوري 2023 تي سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي 28هين اجلاس ۾ فوجي گريڊ جي هٿيارن جي خريداري ۽ نگراني نظام جي معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ان ايجنڊا جي تجويز جي منظوري ڏني وئي. آءِ جي پوليس ڪابينا کي ڄاڻ ڏني ته ڪشمور، شڪارپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي ڪچي واري علائقي ۾ سرگرم ڏوهارين/ گينگ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جديد هٿيارن سان ليس ۽ نگراني سسٽم جي ضرورت آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گڏيل آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ جديد/ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي خريداري لاءِ 2796.184 ملين رپين جي فنڊز گهربل آهن ۽ آپريشن ٽن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي پوليس رينجرز ۽ پاڪستاني فوج جي سهڪار سان شروع ڪيو ويندو. ڪابينا آپريشن جي تجويز جي منظوري ڏيندي 2.7 ارب رپين جي منظوري پڻ ڏني ۽ گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته هٿيارن جي خريداري لاءِ گهرو وزارت کان اين او سي حاصل ڪري. آئي ٽي سان لاڳاپيل ڪيڊرز جي اپ گريڊيشن: ناڻي کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته حڪومت آئي ٽي سان لاڳاپيل 3871 پوسٽن کي اپ گريڊ ڪري چڪي آهي ۽ اڃا گريڊ 5 کان 16 تائين 3264 پوسٽون رهيل آهن. ڪمپيوٽر آپريٽرز/ليب اٽينڊنٽ، هارڊويئر ۽ ٻين پوسٽن کي اپ گريڊ ڪيون ويون آهن آئي ٽي سان لاڳاپيل 3264 پوسٽن جي اپ گريڊيشن سان ساليانو 243.706 ملين رپين جو مالي ٻوجهه پوندو. ڪابينا اپ گريڊيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪورونا وائرس فنڊ ختم: صوبائي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ 18 مارچ 2020 تي چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ قائم ڪيو ويو ۽ ٻين ميمبرن ۾ سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري صحت، ڊاڪٽر عبدالباري، فيصل ايڌي ۽ مشتاق ڇاپرا شامل هئا. فنڊ جي قيام کان وٺي هيستائين 17 اجلاس ٿي چڪا آهن. 18 مارچ 2020ع کان 3 مارچ 2023ع تائين حڪومتي ادارن وٽان 3312.93 ملين رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن جن مان 1300 ملين رپيا سنڌ سوشل رليف فنڊ مان منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته 1495 ملين رپيا ٻيا پڻ جاري ڪيا ويا آهن. 517.19 ملين رپيا سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ذريعي ڏنا ويا. ان کان علاوه 254.701 ملين رپيا خانگي ادارن ۽ فردن پاران پڻ عطيا ڪيا ويا. سي اي ايف CEF کي مليل 16.522 ملين رپيا پرڏيهي فنڊز سميت 16.268 ملين رپيا هڪ غير منافع بخش تنظيم ميسرز آئي ڪيئر فائونڊيشن ذريعي حاصل ڪيا ويا جڏهن ته CEF جي بچت اڪائونٽ تي منافعي ذريعي 114.95 ملين رپيا ڪمايا ويا. سي اي ايف ڪميٽي اڳ ۾ ئي سموريون مالي ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪري ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ بند ڪرڻ جي سفارش ڪري چڪي آهي. سنڌ ڪابينا ڪورونا فنڊ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، باقي بچيل 35734486 رپيا ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير تي خرچ ڪيا ويندا. ڊي ايڇ ڪيو (DHQ) دادو کي LUMHS حوالي ڪرڻ جو فيصلو: صوبائي ڪابينا صحت کاتي جي سفارش تي ضلعي هيڊ ڪوارٽر (DHQ) دادو کي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) ڄامشورو سان گڏ انتظامي ۽ مالياتي ڪنٽرول ۽ SNE حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪابينا صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته فيصلي کانپوءِ علائقي جي عوام کي صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا اسپتال لاءِ 1.2 ارب رپين جا فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جيئن اسپتال صحيح نموني تي ڪم شروع ڪري سگهي. قيمتون ڪنٽرول: سنڌ ڪابينا پاران رمضان المبارڪ 2023ع جي مقدس مهيني ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ”صوبائي ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ۽ منافعي ۽ ذخيري جي روڪٿام ايڪٽ 2005“ تحت سڄي صوبي جي بيورو آف سپلائي اينڊ پرائس آفيسرن کي انسپيڪٽر پرائسز جا اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. جن آفيسرن کي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اختيار ڏنا ويا آهن انهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ سطح تي ايڊيشنل ڪمشنر-I ۽ II (ڊويزنل سطح)، ڊائريڪٽر، بي ايس پي، (صوبائي سطح)، ڊپٽي ڊائريڪٽرز، بي ايس پي، سنڌ (ڊويزنل سطح)، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز، BSP، سنڌ (ضلعي سطح)، ڊپٽي ڊائريڪٽر/ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن، AFCs ۽ DFCs فوڊ ڊپارٽمينٽ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر/DD ليبر ڊپارٽمينٽ شامل آهن. ضلعي انتظاميا کي اڳ ۾ ئي اختيار ۽ هدايتون ڏنيون ويون آهن ته اهي قيمتون ڪنٽرول ڪن. اجلاس ۾ ڪابينا ڪجهه مقررين جي منظوري ڏني جنهن ۾ وزير توانائي امتياز شيخ کي چيئرمين سنڌ پيٽروليم (پرائيويٽ) لميٽيڊ مقرر ڪيو ويو جيڪو توانائي کاتي جو هڪ باڊي جو حصو پڻ آهي، وزير آبپاشي کي چيئرمين سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي، اقبال ڏيٿو کي چيئرمين سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن مقرر ڪيو ويو ۽ نياز سومرو کي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ملير ايڪسپريس وي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تائين مقرر ڪيو ويو. ڪابينا اعجاز خانزاده ۽ محمد عارف مٺاڻي کي ڊرگ ڪورٽس جو ميمبر بڻائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو.










