دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ سياسي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پاران افغانين سميت ڌارين جي سنڌ ۾ آبادڪاري خلاف پ پ پ شهيد ڀٽو ۽ جسقم سميت شهري، سول سوسائٽي پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن باغي محمد عرس خشڪ، زين پنهور، سميع چارڻ، حيدر سنڌي، علي حسن پنهور، نثار ٻاٽ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ افغانين غير قانوني طور رهائش اختيار ڪئي آهي انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري پنهنجي ڏيهه روانو ڪيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ ۾ منظم سازش تحت لکين ماڻهون غير ملڪي آباد ڪيا ويا آهن جنهن ڪري اهي ڌاريا سنڌين جا قاتل بڻجي ويا آهن بلال ڪاڪا، ارشاد رانجهاڻي سميت ڪيترائي ڪونڌر سنڌ ۾ ڌارين جي هٿان ماريا ويا آهن پر سنڌ ۽ وفاق جون حڪومتون خاموش آهن سازش بند نه ٿي ته سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ ڌاريا اسان جي وسيلن تي قابض ٿي ويندا جنهن ڪري سنڌي نوجوان بيروزگاري ۽ سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي ڪر کنيو آهي.










