مردان(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وڏا چور اربين رپين جي چوري جا ڪيس ختم ڪرائي رهيا آهن هر روز مون تي نئين ايف آئي آر ڪٽي وڃي ٿي عدالتن ۾ وڃڻو پوي ٿو پر ڊڄڻ وارو ناهيان چورن جي سامهون ڳاٽ اوچو ڪري بيٺو آهيان، جيل ته ننڍڙي شئي آھ سر ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان. مردان ۾ شاگردن جي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهباز گل کانپوءِ اعظم سواتي کي گرفتار ڪري کين اگهاڙو ڪري تشدد ڪيو ويو آهي. هن ادارن کي مخاطب ٿيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اوهان سمجوهو ٿا ته تشدد ڪري اوهان پنهنجي عزت ڪرائيندا ته اها اوهانجي ڀل آهي. هن چيو ته هاڻي گهڻي دير نه ٿيندي ستت ئي ڪال ڏيڻ وارو آهيان. ان کان اڳ هن راولپنڊي جي باراني يونيورسٽي ۾ به شاگردن کي خطاب ڪيو هو. عمران خان چيو ته زنجير ٽوڙيا ويندا آهن آزادي کسي وٺڻي پوي ٿي جيل ته ننڍڙي شئي آهي مان سر به ڏئي سگهان ٿو بزدل ۽ خودغرض ماڻهو ئي گڏ نه بيهندا ناانصافي جي خلاف آواز اٿارڻ جهاد آهي جيڪڏهن ڪنهن کي ملڪ ۾ ڌاڙو هڻڻو آهي ته مان انهن چورن جي سامهون بيٺو آهيان عمران خان شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ اوهان ماڻهن منهنجي ڳالهه آرام سان ٻڌي آهي يوٿ تي تاريخ ۾ لازم ٿي وڃي ٿو ته ٻاهر نڪري مان هتي شاگردن کي تيار ڪرڻ آيو آهي ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ سڀني کي نڪرڻو آهي. اوهان سڀني کي تياري ڪرڻي آهي هي سياست نه پر جهاد آهي ملڪ جي 60 سيڪڙو ڪابينه ضمانت تي آهي سڄي دنيا جي انقلابن ۾ شاگرد سامهون آيا ارسطور چيو هو ته معاشري ۾ ناانصافي ٿئي ته سمورا ماڻهو ان جي خلاف هوندا عمران خان چيو ته مان ڪرڪيٽ کان سياست تائين چئلينج لاءِ، بزدل انسان ڪڏهن به ليڊر نٿو بڻجي سگهي نوازشريف هر مشڪل وقت ۾ ٻاهر کسڪي وڃي ٿو غلام جوتا پالش ڪندا آهن ليڊر آزاد هوندا آهن. آمريڪي سازش تحت اسان تي آمريڪي غلامن کي مڙهيو ويو. هي وڃي آمريڪا ۾ پني رهيو آهي کيس شرم اچڻ گهرجي. ملڪ جو پئسو چوري ڪري ٻاهر وڏن وڏن محلن ۾ رهن ٿا.










