اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته قاسم سوري جي استعيفيٰ سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي آفيس کي ملي وئي آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ منجهند 12 وڳي ٿيندو قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ اسپيڪر جي حلف برداري کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻي هئي










