ڊي سي سميت 11 جوابدارن کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ڊي سي سميت 11 جوابدارن کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

سکر (بيورو رپورٽ)احتساب عدالت ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي ۾ ڪرپشن واري ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي ۾ ڪرپشن ريفرنس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر جاويد جاگيراڻي ۽ ايڊمنسٽريٽر سردار آصف آرائين سوڌو 11 جوابدارن کي ست ست سال قيد ۽ 6 ڪروڙ 45 لک 7 هزار 1 سئو 16 روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت سزا ٻڌايل ڊي سي جاويد جاگيراڻي سوڌو 11 جوابدارن کي هٿڪڙيون هڻائي جيل اماڻي ڇڏيو، قيد جي سزا آيلن ۾ اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر ۽ موجوده قمبر- شهدادڪوٽ جاويد جاگيراڻي، ايڊمنسٽريٽر سردار آصف آرائين، ايڊمنسٽريٽر غلام مصطفي هليو ايڊمنسٽريٽر ضمير حسين انجنيئر قربان علي ابڙو، سب انجنيئر عنايت الله ابڙو ۽ ملازم غلام عباس شيخ شامل آهن، قيد جي سزا آيلن ۾ ٽي ٺيڪيدار غلام قادر ڀٽو، جهانگير چنڙ ۽ غلام قادر اهير به  شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو