ڊي سي جو شينڪ بند جي متاثر علائقن جو دورو،رليف ڪيمپون قائم

ڊي سي جو شينڪ بند جي متاثر علائقن جو دورو،رليف ڪيمپون قائم

گهوٽڪي (ن سنڌيار)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران قادرپور شينڪ بند جي متاثر علائقن جو دورو، ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي هدايت، 3 رليف ڪيمپون قائم ڪرڻ جو حڪم، تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ۽ ونگ ڪمانڊر رينجرز 84 ونگ ڪرنل عبدالجليل قادرپور شينڪ بند ۾ گهاري بعد پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي ٽيم سميت ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار گهوٽڪي کي هدايت ڪئي ته سيلاب متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ واسطي مقامي ٻيڙين جو بندوبست ڪيو وڃي جڏهن ته متاثرن لاءِ فوري طور تي محفوظ هنڌن تي 3 رليف ڪيمپون پڻ قائم ڪيون وڃن ان سلسلي ۾ متاثر علائقن ۽ ماڻهن بابت تفصيلي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. هن ڊي ايڇ او کي هدايت ڪئي آهي ته نيمن لانڍي تي ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وڃي جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ کي به وٽنري ڪيمپ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه جي ٽيم سيلابي صورتحال جو جائزو وٺي پئي، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي امتياز محسن، اي سي ميرپور ماٿيلو محمد احمر، مختيارڪار گهوٽڪي ميهر چاچڙ، مختيارڪار ڏهرڪي اشرف پتافي ۽ مختيارڪار ميرپور ماٿيلو محمد قاسم ڌانڌو پڻ موجود هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو