ڊي جي هيلٿ جي سول اسپتال آمد،انتظاميه جي واکاڻ

ڊي جي هيلٿ جي سول اسپتال آمد،انتظاميه جي واکاڻ

نوشھروفيروز (ن س)ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروس سنڌ ڊاڪٽر محمد جمن باهوٽو جو سول اسپتال نوشھروفيروز جو اچانڪ دورو ڪري ملازمن جي حاضري چيڪ ڪرڻ سان گڏ انتظامي ڪمن جو جائزو ورتو ويو ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڪلهوڙو ۽ سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو پڻ ساڻس گڏ هئا ان موقعي تي ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر محمد جمن باهوٽو چيو ته سول اسپتال نوشھروفيروز ۾ اچي بيحد خوشي ٿي آھي جو صبح 8 وڳي مڪمل اسٽاف ڊيوٽيء تي موجود آھي ۽ صفائي سٿرائيء جا بهترين انتظام آھن ان تي سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو کي شاباس ڏجي ٿي هن چيو ته ڊاڪٽر خادم علي جنهن زميواري سان ڪم ڪري رهيو آھي ته ھن اسپتال ۾ ايندڙ غريب مريضن کي اهي سموريون سهولتون ملنديون جيڪو انهن جو بنيادي حق آھي۔ هن چيو ته جلد سول اسپتال لاء آئي۔سي۔يو بلاڪ جو ڪم شروع ٿيندو جڏهن ته نوشھروفيروز جي عوام لاء 1122 ريسڪيو ايمبولنس سروس شروع ٿيڻ واري آھي جنهن ۾ ڪنھن به قسم جي ايمرجنسي لاء گھر ويٺي ايمبولنس گھرائي سگهجي ٿي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو