ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ عدالتي حڪمن جي باوجود رٽائرڊ آفيسر کي پينشن جاري نه ڪرڻ تي ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عدالت ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي جا هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت ايڊيشنل ڊائريڪٽر ميڊيڪل سروس ڊاڪٽر ڪريم کي پينشن جاري ڪرڻ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي 2022 کان عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪري رهيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي کي موڪلن جي پهرين هفتي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو ۽ عدالتي حڪم تي فوري عمل يقيني بنائڻو پوندو.










