ڊي جي خان۾خواجا، لغاري، کوسا ۽ دريشڪ آمهون سامهون

ڊي جي خان۾خواجا، لغاري، کوسا ۽ دريشڪ آمهون سامهون

ڊيرا غازي خان(رپورٽ طارق سعيد برماڻي) ڊيرا غازي خان ۾ چونڊ چهچٽو شروع آهي. پي ٽي آءِ آزاد اميدوارن کي سپورٽ پئي ڪري، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي ۾ اندروني اختلاف چٽا ٿي ويا آهن. ٻنهي پارٽين جا اهم اڳواڻ ڪجهه حلقن ۾ پارٽي اميدوارن بدران آزاد اميدوارن جي حمايت ڪري رهيا آهن. پي پي 288 جي تڪ تي مسلم ليگ نواز جي صوبائي جنرل سيڪريٽري اويس لغاري جيڪو سردار فاروق لغاري جو پٽ آهي، تنهن ٽڪيٽ ته سيد عليم شاهه کي ڏني پر هاڻي حمايت آزاد اميدوار جي پيو ڪري. کيس شڪايت آهي ته شاهه سندس ڪارنر ميٽنگ ۾ شريڪ نه ٿيو هو. مسلم ليگ ڄاڻي واڻي قومي اسمبلي جي تڪ 185 تي ڪنهن به اميدوار کي ٽڪيٽ ناهي ڏني ۽ آزاد اميدوارن جي حمايت ڪري رهيا آهن. قومي اسمبلي جي تڪ 186 تان اويس خان لغاري پاڻ ۽ 187 تان سندس پٽ عمار خان چونڊ وڙهي رهيا آهن. اويس لغاري جي مقابلي م پي پي ٽڪيٽ تي دوست محمد کوسا ۽ آزاد اميدوار سجاد ڇينا ۾ اهم مقابلو آهي. اين اي 183 جيڪا تونسا واري سيت آهي ان تي پي ٽي آءِ اڳوڻي ايم اين اي ۽ آزاد اميدوار خواجا شيراز جي حمايت ڪري رهي آهي. هتي مسلم ليگ (ن) جو امجد کوسا سندس مقابلي ۾ آهي. اين اي 184 تي ٽواڻو مقابلو آهي، هن تڪ تي ڪل 12 اميدوار آهن پر مقابلو آزاد اميدوار سردار ذوالفقار علي کوسا ۽ جاويد احمد لنڊ کانسواءِ مسلم ليگ نون جي عبدالقادر کوسا وچ ۾ آهي.پي ٽي آءِ جو علي محمد آزاد اميدوار آهي. هن تڪ تي پي پي جو اميدوار قومي تي ناهي. اين اي 185 تي آزاد اميدوار محمود قادر لغاري جيڪو گذريل ڀيري صوبائي ميمبر هو، اهو پنهنجي حامي صوبائي جي اميدوارن سان بيٺو آهي. اويس لغاري اڳ ۾ هتان قومي جو اميدوار هوندو هو پر هاڻي ناهي. اڳوڻو پي ٽي آءِ جو ايم پي اي حنيف پتافي پي پي 288 وارو ۽ محمود لغاري هڪٻئي جي حمايت پيا ڪن. هتان پي پي جو اميدوار دوست محمد کوسا ۽ پي ٽي آءِ جو اقبال ثاقب صوبائي حلقي جي چونڊ وڙهن پيا. پيپلز پارٽي ۾ ڀڃ ڊاهه آهي، ورڪرن بدران ٻاهرين ماڻهن کي تنظيمي عهدا ملڻ سبب تعلقي جنرل سيڪريٽري پارتي ڇڏيپي ٽي آءِ جوائن ڪئي آهي. پي پي اميدوار طور سردار دوست محمد کوسا 185 تي اميدوار آهي. ٻين اهم اميدواورن ۾ زرتاج گل، جماعت اسلامي جو عثمان فاروق شيخ، تحريڪ لبيڪ جو ذڪرالله رضوي به اميدوار آهن. پي پي 286 تان جاويد اختر لنڊ، نون ليگ جو صلاح الدين کوسا ۽ پي ٽي آءِ جو فرحت عباس لنڊ اهم اميدوار آهن. پي پي 287 تي زبردست مقابلو آهي، نون ليگ جو اسامه لغاري، آزاد اميدوار عبدالقادر خان ۽ اخلاق احمد باداڻي اهم اميدوار آهن. پي پي 289 تي پي پي اميدوار دوست محمد کوسا ۽ پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار احمد علي دريشڪ ۽ حنيف پتافي ۾ مقابلو آهي. پي پي 290 ۾ اويس خان لغاري جو آزاد اميدوار محمد خان لغاري ۾ زبردست مقابلو آهي.پي پي 291 تي آزاد اميدوار محمد خان لعاري جو نون ليگ جي اميدوار احمد خان لغاري سان مقابلو آهي. چونڊ ويجهي اچي رهي آهي ته سرگرميون به تيز ٿي رهيون آهن پر مهانگائي عروج تي هجڻ سبب عوامي دلچسپي ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. (نوٽ هي خبر ڊان ۾ شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا)

پهنجو تبصرو موڪليو