سکر(بيورو رپورٽ) نيب ڊي ايف سي خيرپور سوڌو 42 ڄڻن خلاف ڪروڙين رُپين جي مبينا ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري ورتو، سکر جي احتساب عدالت ۾ 5 ڪروڙ 82 لک رُپين جي مبينا ڪرپشن جو ريفرنس پيش، عدالت نيب جو ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو، ريفرنس ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن طرفان بارداڻو آبادگارن بدران واپارين ۽ من پسند ماڻهن کي ڏئي ڪروڙين رُپيا ڪمائڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، سکر جي احتساب عدالت 13 آڪٽوبر تي نيب جي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪندي.










