ڊيرا اسماعيل خان (بيورو رپورٽ): ڊي آئي خان جي پوليس لائنز ۾ قائم مال خاني اندر هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مال خاني جي ديوار ۽ ڇت مڪمل طور تي ڊهي پٽ ٿي وئي آهي، جڏهن ته ملبي هيٺ اچڻ سبب بم ڊسپوزل اسڪواڊ (BDS) جو انچارج سخت زخمي ٿي پيو. پوليس اختيارين موجب ڌماڪو ايترو شديد هو جو ان جي آواز سبب آفيسن ۾ خوف پکڙجي ويو. زخمي اهلڪار کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ قريبي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس علاج جاري آهي. شروعاتي تحقيقات موجب، ڌماڪو مال خاني ۾ اڳ ئي ضبط ڪري رکيل دستي بم جي اچانڪ ڦاٽڻ ڪري ٿيو. واقعي کانپوءِ سينيئر پوليس عملدار موقعي تي پهچي ويا آهن ۽ شواهد گڏ ڪري واقعي جي مختلف رخن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










