ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊيفنس فيز 6 جي هڪ فليٽ ۾ غير ملڪي عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته غير ملڪي عورت جي فرياد تي درخشان ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار درخشان ٿاڻي ۾ گذريل ڏيڍ مهيني کان صفائي جو ڪم ڪري رهيو هو. متاثرہ عورت جو چوڻ آهي ته جوابدار رڙيون ڪرڻ تي گهر مان ڀڄي ويو هو. پوليس موجب عورت جو طبي معائنو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا حاصل ڪيا ويا آهن.










