ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڊي ايڇ اي فيز 6 خيابانِ راحت ويجهو واٽر ٽينڪر اونڌو ٿي پيو، حادثي ۾ 30 ورهين جو ڊرائيور ياسر فوت ٿي ويو. ريسڪيو اختيارين موجب واٽر ٽينڪر ۾ 2 ڊرائيور ۽ هڪ ننڍي عمر جو ڪلينر موجود هئا. اختيارين چيو آهي ته ٽينڪر ۾ ڦاٿل ٻئي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو. ريسڪيو اختيارين چيو ته ٻنهي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ وڏي (هيوي) مشينري گهرائي وئي هئي.










