ڊمپر جي ٽڪر سبب 2 موٽر سائيڪل سوار چيڀاٽجي فوت

ڊمپر جي ٽڪر سبب 2 موٽر سائيڪل سوار چيڀاٽجي فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ميمڻ ڳوٺ جي علائقي در محمد ڳوٺ جي ڀرسان تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل تي سوار هڪ شهري فوت جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو. جڏهن ته ناظم آباد ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نوجوان ون ويلنگ ڪندي بيٺل گاڏي سان ٽڪرائجي فوت ٿي ويو. ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ سبب روڊن حادثن جو سلسلو جاري آهي. اڱاري جي صبح ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي علائقي ملير در محمد ڳوٺ جي ڀرسان تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوار ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو.حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار هڪ شهري ٿڏي تي فوت جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي ڇيپا ايميبولينس جي ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويل شهري جي سڃاڻپ 25 ورهين جي شاهنواز ولد مولابخش ۽ زخمي شهري جي سڃاڻپ شاهه نور ولد گلاب جي نالي سان ڪئي وئي.حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيل شهري ملير در محمد ڳوٺ جا رهواسي آهن، حادثي کان پوءِ علائقي جي رهواسين طرفان ميمڻ ڳوٺ روڊ تي رڪاوٽون بيهاري روڊ کي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪندي سخت احتجاج ڪيو ويو. حادثي جي اطلاع ۽ روڊ ٽريفڪ جي لاءِ بند ٿيڻ تي علائقي جي پوليس به موقعي تي پهچي وئي پوليس علائقي جي رهواسين سان ڳالهين کان پوءِ روڊ تي ٽريفڪ بحال ڪري ڇڏي.ميمڻ ڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي کان پوءِ پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ڊمپر کي تحويل ۾ وٺڻ کان پوءِ ڊمپر جي ڊرائيور عمر کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڊرائيور جي خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.هوڏانهن ناظم آباد ٿاڻي جي حد ۾ ناظم آباد چار نمبر فائر اسٽيشن جي ڀرسان موٽر سائيڪل تي سوار نوجوان ون ويلنگ ڪندي بيٺل گاڏي سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سخت زخمي نوجوان ڪجهه ڪلاڪ موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ دوران علاج دوران فوت ٿي ويو.مقتول نوجوان جي فوري طور تي سڃاڻپ ممڪن نه ٿي سگهي، پوليس جو چوڻ هو ته خبر پئي آهي ته مقتول نوجوان اورنگي ٽائون جو رهواسي هو. مقتول نوجوان جي وارثن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو