واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي دفاع واري کاتي پينٽاگون جي ڊفيسن اينڊوانس ريسرچ پروجيڪٽس ايجنسي (ڊي اي آر پي اي)پاران ڪمپيوٽر وار گيم‘الفا ڊاگ فائٽ’ جو انتظام ڪيو ويو جنهن ۾ مصنوعي ذهانت انسان کي شڪست ڏئي ڇڏي. ڊيلي بيسٽ جي هڪ رپورٽ موجب هن اداري پاران ڪيل اهتمام واري ٽيسٽ ۾ آمريڪي ماهر پائلٽ شريڪ ٿيو جنهن جو مصنوعي ذهانت وارن جنگي پائلٽس سان مقابلو منعقد ڪيو ويو. مقابلي ۾ لاڪ هيڊ مارٽن، بوئنگ، هيرون سسٽمز، جارجيا يونيورسٽي جي اسڪريپي اسڪواڊ جي تيار ڪيل مصنوعي ذهانت وارن پائلٽس يعني مشينن هن فائٽ ۾ حصو ورتو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊاگ فائيٽ ۾ انساني عظمت جو توڙ ئي نه هوندو آهي پر پهريون ڀيرو آهي ته مصنوعي ذهانت انسان کي شڪست ڏني آهي. ان مقابلي ۾ ميري لينڊ جي هڪ ننڍي ڪمپني هيرون جي تيار ڪيل مصنوعي ذهانت واري فائٽر 213 دشمنن جا جهاز ڪيراي جڏهن ته پاڻ رڳو 16 ڀيرا نشانو بڻيو ۽ الفا ڊاگ فائٽ کٽي ورتي. ياد رهي ته جاپان، چين، روس ۽ آسٽريليا به مصنوعي ذهانت جي ان شعبي ۾ تحقيق ڪري رهيا آهن.










