ميرپورخاص (ن س) پوليس تحويل ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي، جوابدارن پاران دائر آئيني پٽيشن سيڪشن 23 اي تي فيصلو محفوظ، ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ميرپورخاص ۾ عمرڪوٽ جي رھواسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو پوليس تحويل ۾ قتل ٿيل ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي، 23 نامزد جوابدارن مان 12 ڄڻا عبوري ضمانتن تي جنهن ۾ پير عمرجان سرھندي. اڳوڻو ايس ايس عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ. اڳوڻو سي آء اي انچارج عنايت زرداري. اڳوڻو ايس ايچ او سنڌڙي نياز احمد کھوسو. اڳوڻو ڊي آء بي انچارج دانش ڀٽي. اڳوڻو ميڊيڪل آفيسر سول اسپتال ڊاڪٽر منتظر مھدي. ڪانسٽيبل امان الله. ڪانسٽيبل معشوق. ڪانسٽيبل شاھ محمد. ڪانسٽيبل نواب علي. ڪانسٽيبل عارف علي. ڪانسٽيبل نديم احمد. عبوري ضمانت تي. جڏھن تـ 6 گرفتار جوابدار اڳوڻو سب انسپيڪٽر سي آء اي ھدايت الله ناريجو. ڪانسٽيبل نادر. ڪانسٽيبل غلام قادر. ڪانسٽيبل فرمان. ڪانسٽيبل عطا الله. الله جڙيو، عدالت آڏو پيش ٿيا، ان کانسواء عدالت آڏو مسلسل پيش نه ٿيندڙ 5 اشتهاري ڏوهارين اڳوڻو ڊي آء جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي، اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌھري اسد علي، ڪانسٽيبل لکمير. اڳواڻي ايس ايس عمرڪوٽ جو ريڊر سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون. ڪانسٽيبل محمد صديق خلاف ايف آء اي جي انويسٽيگيشن آفيسر راشد ڀٽي کي سيڪشن 87 تحت ڪارروائي ڪندي سندن ملڪيتون ضبط ڪرڻ ۽ انهن جا تفصيل وٺڻ جي لاء لڳاپيل کاتن کي ليٽر لکڻ جو حڪم ڏنو، ان ڏس ۾ عدالت ٻاھران ڳالھائيندي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس ۾ فريادي ڌر جي ايڊووڪيٽ اعجاز هاليپوٽو چيو ته دهشتگردي ايڪٽ 23 اي 1997 تي سموري ڌرين جا دلائل مڪمل ٿيڻ کانپوء عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو ايندڙ ٻڌڻي جي ٻڌايو ويندو، ايندڙ ٻڌڻي تي اميد ڪيون ٿا ته جيڪي جوابدار ڪيس ۾ نامزد عبوري صمانتن تي آهن انهيء تي دلائل ٿيڻ کپن قانون موجب عبوري صمانت 7 ڏينهن کان مٿي نه هوندي آهي پر هن ڪيس ۾ جوابدار هڪ سال کان به وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود عبوري صمانتن تي آهن، عدالت ٻاهران ڳالهائيندي جوابدار ڌر جي وڪيل ايڊووڪيٽ ظاهر شاه چيو ته سيڪشن 23 اي تحت هي ڪيس دهشتگري جي انت واري عدالت جو نٿو ٿئي، انڪري هي ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ٿيڻ گهرجي، ان کان اڳ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










