عمرڪوٽ (ن س)ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي گهرڀاتين مطالبو ڪيو آهي ته سندس موت جي شفاف عدالتي جاچ ڪئي وڃي. اهڙو مطالبو هنن سول سوسائٽي جي مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن تي مشتمل وفد جي سومر ڏينهن عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ جانهيرو ۾ سوڳوار خاندان جي گهر پهچڻ تي ملاقات ۾ ڪيو. گذريل سال 19 سيپٽمبر تي پوليس جي حراست ۾ مارجي ويل ڊڪٽر ڪنڀار کي توهين مذهب جي الزام هيٺ پوليس گرفتار ڪرڻ بعد مختلف مذهبي تنظيمن جي پرتشدد ردعمل ۽ انتهاپسندن پاران ڪيل احتجاج بعد پوليس ڪوڙي مقابلي م ماري ڇڏيو هو. بعد ۾ تدفين وقت تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ ٻين انتها پسندن جماعتن جي ڪارڪنن سندس لاش کي ساڙڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. جنهن دوران ڪولهي برادري جي نوجوان سندس لاش ڪلهي تي کڻي ڀٽ تي چڙهي ويو هو جيئن ڊاڪٽر ڪنڀار جي لاش جي وڌيڪ بيحرمتي نه ڪئي وڃي. مرحوم ڊاڪٽر جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪندڙن ۾ سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ وفد ۾ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، طاهره عبدالله، جامي چانڊيو، امر سنڌو ۽ ٻيا سول سوسائٽي جا ڪارڪن به شامل هئا. ابراهيم ڪنڀار متاثره خاندان پاران وفد سان ڳالهائيندي چيو ته کين پوليس جي جانچ تي ڀروسو ناهي، ڇو ته پوليس پنهنجي آفيسرن کي بچائڻ لاءِ ثبوت مٽائي رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاصر سروس جج جي سربراهي ۾ عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. هن اهو به الزام هنيو ته ڊاڪٽر ڪنڀار جي ڪراچي ۾ گرفتاري ۽ ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٻين هنڌن تي ٿيندڙ ٻين سمورن واقعن جي سي سي ٽي وي ڪيمرا فوٽيجز کي پوليس ڊاهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ان جو مقصد سڄي واقعي ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ انتها پسند تنظيمن جي ذميوار ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ کان بچائڻ هو. ياد رهي ته سنڌ حڪومت گذريل سال 16 آڪٽوبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي عدالتي جاچ جي سفارش ڪندي خط لکيو هو پر هن وقت تائين ان معاملي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.










