ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ آئي جي سنڌ جي انڪوائري ڪميٽي جا اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. 115 صفن تي ٻڌل رپورٽ ۾ 24 آفيسر ۽ اهلڪار جا بيان ورتا ويا، ان رپورٽ ۾ 10 کان وڌيڪ گواهن ۽ وارثن جا بيان به شامل ڪيا ويا آهن ۽ رپورٽ گهرو وزير ڏانهن موڪلي وئي آهي. رپورٽ 2 ڊي آئي جيز ۽ 2 ايس ايس پيز تي ٻڌل 4 رڪني انڪوائري رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جي حوالي ٿيڻ جي ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ سنڌڙي ۾کيس قتل ڪيو ويو. ياد رهي ته 18 سيپٽمبر تي سنڌڙي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو هو.










