آڪاش قتل ڪيس ۾ سندس ئي برادري جا 3 جوابدار گرفتار

آڪاش قتل ڪيس ۾ سندس ئي برادري جا 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ٽنهي جوابدارن جو تعلق هندو برادري (ڪميونيٽي) سان آهي، واردات ۾ موٽرسائيڪل ۽ هڪ گاڏي استعمال ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ڪجهه رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا، ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ٽئي جوابدار ڪراچي ۾ ڪافي عرصي کان رهن ٿا پر سندن تعلق اندرون سنڌ جي مختلف ضلعن سان آهي، جن ۾ سريش، رامچند ۽ انيل شامل آهن جن جو تعلق ڏهرڪي، ٺل ۽  نوشهروفيروز سان آهي. هي واقعو ذاتي دشمني جو ناهي، جوابدار عادي ڏوهاري آهن، هڪ ته تازو ضمانت تي آزاد ٿيو آهي. جوابدارن ابتدائي جاچ ۾ ٻڌايو ته جنهن بئنڪ مان پيسا ڪڍايا ويا ان جي هڪ ملازم ڦورن کي معلومات ڏني ۽ ڊاڪٽر آڪاش جو هليو ٻڌايو. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سائوٿ چيو ته فريئر واري علائقي ۾ ڌاڙيلن ڊاڪٽر آڪاش کي نشانو بڻايو، 24 ڪلاڪن اندر واردات جا تفصيل حاصل ڪيا ويا ۽ 36 ڪلاڪن ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش جڏهن بئنڪ پهتو ته جوابدار اڳ ئي اتي موجود هئا، هڪ جوابدار ريڪي ڪري پنهنجن ساٿي ڦورن کي اطلاع ڏنو هو. اسد رضا چيو ته 100 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي (CCTV) وڊيوز حاصل ڪيون ويون، واردات ۾ موٽرسائيڪل ۽ هڪ گاڏي استعمال ڪئي وئي هئي، جڏهن ته موٽرسائيڪلن تي 3 جوابدار آيا هئا جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي سائوٿ چيو ته جوابدارن کي ڊيفنس ٿاڻي جي حدن مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو