خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ليڊي ويلنگٽن اسپتال موت جو ٻيو نالو بڻجي ويو آهي ڊاڪٽرن جي لاپرواھي سبب ٽن ڪلاڪن دوران ٻه عورتون چونڊڪو واسي ثمينه ۽ ٺيڙهي واسي ريحانه فرش تي ڊليوري ڪرڻ سبب فوت ٿي ويون آهن انتظاميا جي نااھلي سبب عورتون فرش تي ڊليوري ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن عورتن جي وارثن ٻڌايو ته اسان ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال ۾ موجود آهيون پر ڊاڪٽرياڻيون اچڻ لاء تيار ناهن ڊليوري فرش تي ٿيڻ سبب عورتن جو موت ٿيو آهي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آڻي انصاف ڪيو وڃي.










