ڊاڪٽرن جي لاپرواهي، عورت اسپتال جي فرش تي ٻار ڄڻيو

ڊاڪٽرن جي لاپرواهي، عورت اسپتال جي فرش تي ٻار ڄڻيو

سانگھڙ (نادر بڙدي) سول اسپتال ۾ ڳورھاري عورت فرش تي ٻار ڄڻي ڇڏيو، وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي تي لاپرواهيءَ جو الزام ھنيو ويو آهي. وارثن ڊاڪٽرن تي الزام ھڻندي چيو ته اسان رات دير سان ايمرجنسي ۾ سول اسپتال سانگھڙ جي ميٽرنٽي هوم آيا سين اسان وٽ پرائيويٽ اسپتال وڃڻ لاء پئسا نه ھئا جنھن تي اسين سول اسپتال آياسين  پر ھتي ڊاڪٽرن اسان کي نوابشاهه وڃڻ جو چيو  ۽ چوڪيدار ڌڪا ڏنا ان دوران عورت جي طبيعت گھڻي خراب ٿي وئي ۽ فرش تي ٻار ڄڻيو جنھن بعد عورت کي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو